ڀٽو، عبدالحئي

ڀٽو، عبدالحئي

عبدالحئي ڀٽو

عبدالحئي ڀٽو : نئين ٽهيءَ جو ليکڪ ۽ ٻارن جو شاعر عبدالحئي ولد مولوي محمد ڀٽو، 2 آگسٽ 1975ع تي مومل جي ماڙي، تعلقي ميرپور ماٿيلي ۾ ڄائو. هو ايم.اي (سنڌي ادب) سان گڏ بي.ايڊ ۽ پي.ٽي.سي پاس آهي. عبدالحئي ڀـُٽي لکڻ جي شروعات اسڪول ۾ پڙهڻ دوران 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪئي. سندس شاعري، مضمون ۽ ڪهاڻيون ڪيترن رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪيون آهن. سندس ادبي تربيت ۾ نامياري شاعر ۽ صحافي مرحوم امير بخاريءَ جو وڏو هٿ رهيو. هي ٻارڙن جي نمائنده تنظيم ’ٻالڪ ادبي فورم‘ جي بانيڪارن مان آهي. ان تنظيم جو مرڪزي صدر رهي چڪو آهي. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي ضلعي جو رابطا سيڪريٽري ۽ سنگت شاخ مومل جي ماڙيءَ جو ٽي دفعا سيڪريٽري رهي چڪو آهي. هي ’امير بخاري اڪيڊمي گهوٽڪيءَ‘ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين ڪجهه سماجي تنظيمن جو عهديدار پڻ رهيو آهي. 100 کان وڌيڪ ادبي ۽ ٻاراڻن سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي. کيس سنڌي ادبي سنگت، ٻالڪ ادبي فورم، سنڌي ادبي بورڊ، سڀيتا اڪيڊميءَ ۽ ٻين ادارن ۽ تنظيمن طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ مليا آهن. عملي زندگيءَ ۾ هي پرائمري استاد آهي ۽ هن وقت گورنمينٽ پرائمري اسڪول ميرپور ماٿيلي ۾ تدريس جا فراض ادا ڪري رهيو آهي. سندس هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن: هن جا ٻارن لاءِ ڪهاڻين، شاعري ۽ خاڪن تي ٽي ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهن. (1) گلابن جي خوشبو (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، (2) سهڻا ٻالڪ سنڌ جا (ٻارن لاءِ شاعري)، (3) ماڻڪ هر هڪ هٿ ۾ (ٻارن لاءِ مضمون: 2013ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو